اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس کي الوداعي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي گذارش ڪئي ته سيد ن??يد قمر مسلم ليگ (ن) کي ڏئي ڇڏين. وزيراعظم پنهنجي خطاب جي آخر ۾ وزيرن جا نالا کڻي هڪ هڪ جا ٿورا مڃيا. ان دوران وزيراعظم چيو ته نويد قمر ڪمال جو ماڻهو آهي، بلاول ڀٽو زرداري کيس مسلم ليگ (ن) کي ڏئي ڇڏي جنهن تي ايوان ۾ موجود ميمبر خوب ??طف اندوز ٿيا. هن چيو ته خواجه محمد آصف مون کان 10 سال وڏو آهي. هن اسحاق ڊار کي محنتي وزير قرار ڏنو. راڻا تنوير حسين جي حوالي سان هن چيو ته هن وڌيڪ دورا ڪيا پر ڪم به ڪيو. شيري رحمان جي موسمياتي تبديلين جي حوالي س??ن ڪارڪر??گي کي پڻ وزيراعظم ساراهيو. هن راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، اعظم نذير تارڙ، مرتضيٰ جاويد عباسي جي ڪارڪر??گي کي پڻ ساراهيو.