اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. وفد ستين ڊيجيٽل آدمشم??ري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشم??ري بابت انهن جي تجويزن جي شموليت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم چي?? ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ستين ڊيجيٽل آدمشم??ري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ ??تي??ن جي منظوري سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ ج??ري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ??او?? وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به موجود هئا.