اسلام آباد – 08 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سي??ٽم??ر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اج??اس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اج??اس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اج??اس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ اهو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي سربراهي اج??اس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اج??اس جي ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اج??اس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طور ??ي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت جي لاءِ پرعزم آهي، خاص طور ??ي جڏهن دولت مشترڪه ۽ پ??ڪستان حڪومت 2023ع کي ”نوجوانن جو سال“ طور ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمنٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن تي ايندڙ اج??اس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.