اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين پائمالين تي گهري ڳ??تي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فورسز انساني حقن ??ون س??گين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته سيپٽمبر ۾ ڀارتي فوج 13 ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ۽ 157 شهرين ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گرفتار ڪيل اڪثر ماڻهن خلاف قابض عملدارن لاڳو ڪيل ڪاري قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام ايڪٽ (يو اي پي اي) جي سخت قانونن تحت ڪيس داخل ڪيا هئا. هن چيو ته اهڙن جابراڻي قدمن ۽ انساني حقن ??ي خلاف ورزين جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪشميري عوام آزادي سان پنهنجي خودمختياري وارو حق استعمال ڪري سگهن.