اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته والاريل فلسطين جي صورتحال پاڪستان جي ??اءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهي، پاڪستان غ??ه ۾ پنهنجي ??لسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ??اء?? پنهنجي ??ڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جيڪي اسرائيلي قابض فوج جي اجتماعي سزا جي غيرانساني مهم کي منهن ڏئي رهيا آهن. پريس بريفنگ ۾ هن اسرائيل جي انڌاڌنڌ ۽ بنا فرق جي بمباري جي ??تيجي ۾ غزه ۾ 2700 ٻارن سميت 6500 کان وڌيڪ شهرين جي ??ارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس ۽ فوري امدادي خدمتون ڏيندڙن کي ساراهيون ٿا جن مشڪل حالتن ۽ ذاتي مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي ساٿي انسانن جي خدمت جاري رکي آهي. هن چيو ته اسان يو اين آر ڊبليو اي ۽ گڏيل قومن جي ??ين تنظيمن جي صحافين ۽ ڪارڪنن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا جن فرض جي ادائيگي ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ترجمان ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته فوتگين جي ??ڌندڙ انگ، عالمي انساني قانون جي کليل خلاف ورزين، جنگي ڏوهن ۽ نسلي تطهير جي ??طالبن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي جو مطالبو، غزه جي ??اڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ ۽ غزه ۾ قتلام کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي هنگامي اجلاس جو منتظر آهي ۽ اميد ڪري ٿو ته هو اهڙو ڪردار ادا ڪندو جتي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ نسلي امتياز جي ??نصوبن جي ??ذمت ڪندي. هن چيو ته اسان اسرائيل ??ي حامين تي زور ڀريون ٿا ته اهي ان ظلم جي خاتمي لاء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ غزه جو گه??راءُ ختم ڪرڻ جي ??اءِ موثر قدم کڻن ۽ غزه جي گه??ريل عوام جي ??اءِ زندگي بچائيندڙ انساني امداد جي ??ڪ پائيدار سپلائي لائين ??ي حمايت ڪن جنهن ۾ پاڻي، ٻارڻ، خوراڪ ۽ دوائون شامل آهن. هن چيو ته عالمي برادري کي اهو به يقيني بڻائڻ گهرجي ته تشدد ۽ بمباري جي ??هم پوري وچ اوڀر ۾ نه پکڙجي ۽ نه ئي پنهنجي ??پيٽ ۾ وٺي. ترجمان پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه رياستي حل ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل، متصل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي جي ??يام سان ممڪن ٿيندو.