اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پ??ڏيهي وزير سن ويڊونگ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ۽ چيني نائب پ??ڏيهي وزير هر آزمائش تي پورو لهندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پاڪ چين دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ چين جي نائب پ??ڏيهي وزير جي خدمتن کي سا??اه??و ۽ سمورن معاملن تي چين پاران پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت کي سا??اه??و. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ت?? پاڪستان گڏيل فائدن جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن جي لاءِ چين ??ي تياري ۽ تعاون کي پڻ سا??اه??و. چين جي نائب پ??ڏيهي وزير شاندار ميزباني تي نگران پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ت?? آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري تعاون جو خواهشمند آهي.