ڪوئٽه _ 8 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر بلوچستان ۾ به عام چونڊن لاءِ پولنگ ??اري آهي. 53 لک 71 هزار کان و??يڪ ووٽر پنهنجي رائي جو حق استعمال ڪندا. تفصيل مطابق بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جي 16 جنرل سيٽن تي 429 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 51 جنرل سيٽن تي 1267 اميدوار ميدان ۾ آهن. صوبي ۾ ڪل پنج هزار 26 پولنگ ??سٽيشن قائم ڪيون ويون آهن جنهن مان 1651 انتهائي حساس،2249 حساس ۽ 1126 نارمل پولنگ ??سٽيشن قرار ڏنيون ويون آهن. بلوچستان ۾ صبح 8 وڳي کان 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي پولنگ ??مل جاري رهندو. 30 هزار کان و??يڪ اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا. چ??ف اليڪشن ڪمشنر بلوچستان فريد آفريدي مطابق قومي اسيمبلي جي 16 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي مجموعي طورتي 53 لک 71 هزار 947 ووٽ آهن. جنهن مان 30 لک 16 هزار 164 مرد 23 لک 55 هزار 783 عورتون شامل آهن. هن چيو ته صوبي ۾ ڪل 5 هزار 26 پولنگ ??سٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن جتي 15 هزار 626 پولنگ ??فيسر مقرر ڪيا ويا آهن.