لاهور- 13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي گُهرج آهي ته جنهن جو انگ وڌيڪ آهي، ا??وئي حڪومت بڻائي، ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اسان کي عالمي مالياتي اداري وٽ وڃڻو پيو ته وي??داسين?? آزاد اميدوارن کي پاڻ سان ملائڻ سڀني جو حق هوندو آهي، وسيع تر قومي مفاد ۾ سڀني کي گڏجي اڳيان وڌڻو پوندو، جي يو آءِ (ف) سميت ٻين پارٽين سان رابطا ٿي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. شهباز شريف چيو ته 8 فيبروري جو مرحلو طئي ٿي چڪو، چونڊن کان اڳ مختلف خدشا ڏٺا پئي ويا، ا??ن امان جي صورتحال خراب آهي، چيو پئي وي?? ته چونڊون انهيءَ ڪري نٿيون ٿي سگهن جو دهشتگردي آهي، پر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلن کان پوءِ خدشا دفن ٿي ويا. هن چيو ته چونڊن دوران اسان جي ادارن انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، چونڊن ۾ (ن) ليگ سڀ کان وڏي جماعت سامهون آئي آهي ۽ هن وقت قومي اسيمبليءَ ۾ اسان جون 80 سيٽون ٿي وي??ن آهن. هن چيو ته آزاد اميدوار وڏي انگ ۾ آيا آهن ۽ اها حقيقت آهي جنهن تي ڪير به شڪ نٿو سگهي. آزاد اميدوار اڪثريت ثابت ڪن اسان اپوزيشن ۾ وي??ي رهنداسين. هاڻوڪي چونڊن ۾ 10-12 سيڪڙو رزلٽس تي ئي اڪثريت جي دعويٰ ڪئي وئي، 10-12 سيڪڙو رزلٽ تي اڪثريت جي دعويٰ ڪرڻ غير منتقي ڳالهه هئي. 18ع ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ زرلٽ اچڻ شروع ٿيا هئا، خميس جي رات 10-12 سيڪڙو هڪ طرفه نتي??ا اچڻ تي گوڙ ڪيو وي?? ته آزاد اميدوار کٽي رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تي ڌانڌلي سميت طرح طرح ??ا الزام لڳايا ويا، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي آهي ته (ن) ليگ جا وڏا اڳواڻ ڪيئن هارائجي ويا. ڪي پي ڪي ۾ آزاد اميدوار کٽيا آهن ته ان جو مطلب اتي به ڌانڌلي ٿي آهي، ا??ي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڇو نه کٽي سگهيا. ڪهڙي اليڪشن آهي جنهن ۾ ڌانڌلي ??ا الزام نه لڳايا ويا. هن چيو ته 13ع جي چونڊن کان پوءِ لانگ مارچ ٿيا، پارليامينٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، مان پُڇڻ چاهيان ٿو ته 13ع جي چونڊن دوران 35 پنڪچرز جو الزام ڪنهن لڳايو، ا??هان کي 18ع جو منظرنامو به ياد هوندو، 18ع ۾ رات جو آر ٽي ايس وي??جي وي?? هو. 18ع ۾ سڀني ڏٺو ته ڪهڙي طرح آر ٽي ايس کي وي??اريو وي??، 18ع ۾ اسان کي هٽايو وي?? ته اسان ڪنهن کي نه گار ڏني ۽ نه ئي تشدد ڪيو، اسان کي جعلي هٿڪنڊن ذريعي هارايو وي??، ڏکڻ پنجاب ۾ اسان جي ووٽرن کي ڌمڪايو وي??. هن چيو ته اسان پارليامينٽ وڃي ڪاري پٽيون ٻَڌي احجتاج ڪيو، ڪير نٿو ڄاڻي ته 18ع جي چونڊن کي چوري ڪيو وي??، اسان ته نه چيو هو ته پارليامينٽ کي باهيون ڏئي ڇڏينداسين، اسان ته قوم کي سول نافرماني جو پيغام نه ڏنو هو. هن چيو ته هاڻ قوم جي زخمن تي مرهم رکڻ جو وقت آهي، اسان کي رنجشن کي محبتن ۾ بدلائڻوآهي. اسان جي اپوزيشن 4 سال هن قوم جي خدمت ڪئي، ا??ف اي ٽي ايف جو بل اسان منظور ڪرايو جيڪو قوم جي بهتر مفاد ۾ هو. اسان رياست کي بچايو سياست کي قربان ڪيو. پي ٽي آءِ باني تي تنقيد ڪندي هن چيو ته جڏهن ڪشمير تڪرار ٿيو، ڀارت جو حملو ٿيو ته هن گڏجي وي??ڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪورونا وبا آئي ته به هن گڏجي وي??ڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ڀارتي جهازن پاڪستاني سرحد کي پار ڪيون ان رات به اسان جي ميٽنگ هئي، هن وقت سڀني کي ٻُڌايو وي?? ته وزيراعظم تشريف کڻي ايندو، ڏيڍ ڪلاڪ جي دي?? کان پوءِ سپه سالار آيو پر وزيراعظم نه آيو، 4 سالن تائين چور دروازي سان وزيراعظم هائوس داخل ٿيندو هو، پي ٽي آءِ باني چاهيندو هو ته اپوزيشن جي سامهون نه ٿيا نه ته هٿ ملائڻو پوندو. پي ٽي آءِ حڪومت پاڪستان جي آئين کي پيرن هيٺيان لتاڙيو، آئين جو مذاق بڻائي ڇڏيو، اسيمبليءَ کي ٽوڙيو وي??، 4 سالن جي ڪا ڪارڪردگي هجي ها ته اسان مڃي به وٺون ها، ڌانڌلي اها ٿي ته هڪ ڪروڙ نه هڪ هزار نوڪريون ڏنيون وي??ن، 50 لک گهر نه پر 5 هزار گهر ڏنا ويا، 90 ڏينهن تي پري جي ڳالهه 2 سالن ۾ به ڪرپشن ختم ڪري ها ته مڃي وٺون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي يو آءِ (ف) سميت ٻين پارٽين سان رابطا آهن، ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ته وي??داسين. هن چيو ته آئين تحت چونڊن جي 21هين ڏينهن قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو وي??دو.