اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ??يم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو آهي، ان جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ??يم سان ڳ??له??ئيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته قومي بلائنڊ ڪرڪيٽ ??يم عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪري اکين کان محروم ڪرڪيٽرز جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ??يم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو، تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ بلائنڊ ڪرڪيٽ خصوصي ڌيان ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي. صدر چيو ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن جي فروغ ۽ انعقاد جي لاءِ سرگرم هجڻ خوش آئنده آهي، بلائنٽ ڪرڪيٽ ??يم جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلائنڊ ڪرڪيٽ ??يم جي جدوجهد ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪرڪيٽرز جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي. ان موقعي تي ٽيم مئنيجمينٽ صدر کي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ??يم جي ميمبرن حوصلا افزائي تي صدر ۽ خاتون اول جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ خاتون اول ثمينه عارف علوي پڻ موجود هئي.