اسلام آباد_01 مارچ (اي پي پي )اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو . پولنگ 9 مارچ تي ٿيندي . جاري شيڊول م??اب?? ام??دوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 مارچ ??نج??د جو 12 وڳي تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا . ريٽرننگ آفيسرن طرفان انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 4 مارچ تي 10 وڳي ٿيندي . ام??دوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 5 مارچ تي 12 وڳي تائين و??پس وٺي سگهجن ٿا . ساڳئي ڏينهن ام??دوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي . ام??دوار 6 مارچ مارچ تي ريٽائرڊ ٿي سگهندا . پولنگ 9 مارچ تي 10 وڳي کان 4 وڳي تائين ٿيندي . ان لاءِ پنج پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. چئني صوبائي اسيمبلين جي عمارتن ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن تي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر رائي جو حق استعمال ڪندا . قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن لاءِ پارليامنٽ هائوس پولنگ اسٽيشن طور استعمال ٿيندي .