اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون سي پيڪ جي اپ گريڊيشن سان گڏ هڪ نئي مرحلي ۾ داخل ٿي ره??و آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي اد??ري جي وزير ليو جيان چائو ۽ سندس وفد جو استقبال ڪري خوشي ٿي. ٽئين گڏيل مشاورتي مڪينزم جي اڄ ٿيندڙ ٽئين اجلاس جي ڪاميابي تي انهن کي ۽ پاڪستاني سياسي اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪو هاڻي سي پيڪ جي اپ گريڊيشن سان گڏ هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ره??و آهي. هن مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اسان جي گڏيل خواهش ۾ مڪمل حمايت جي لاءِ سي پي سي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان چيني صدر جي دورانديش ??يادت ۽ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۾ ان جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين دوستي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ٻنهي ??لڪ?? ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ آهي.