اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) سينٽ ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم ش??يد ذولفقار علي ڀٽو کي ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو.گذريل ڏينهن سين??ٽ اجلاس ۾ اعتراض واري نڪتي تي سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته ش??يد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت خاطر پنهن??ي جان جي قرباني ڏني، پنج جولاءِ ت?? ش??يد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ش??يد بينظير ڀٽو جي ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.پيپلز پارٽي هميشه پارليامنيٽ جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته 5 جولاءِ ت?? ش??يد ذولفقار علي ڀٽو ??ي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي اڄ به اسان چئون ٿا ته ماضي جون غلطيون نه ورجايو وڃن. ملڪ ۾ جهموري نظام مضبوط ڪيو وڃي،سينيٽر سيد مسرور احسن چيو ته اسان کي 5 جولاءِ جي واقعن مان سکندي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته سمورين سياسي قوتن کي گڏ??ي جمهوريت لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.