اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عبدالستار ايڌي جي ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو آهي ته عبدالستار ايڌي سمورن فرقن کان ??ٿا??هون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??يو ته عبدالستار ايڌي جي پاڪستان ۽ انسانيت جي لاءِ بي ??ثال خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن ??يو ته عبدالستار ايڌي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي انسان دوست شخصيت هئي، هن سماجي خدمتن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ نسل، مذهب، سماجي حيثيت سميت سمورن فرقن کان ??ٿا??هون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. صدر ??يو ته عبدالستار ايڌي بي ??وث جذبي سان سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، يتيم خانن، پناهگاهن ۽ بحالي جي مرڪزن جو بنياد رکيو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عبدالستار ايڌي جي مغفرت ۽ ان جا درجا بل??د فرمائي.