اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گورناتني مل??قات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد پاڪستاني شهر??ن جي آزادي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مل??قات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي 7 ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سريلنڪا ۾ پاڪستاني قيد??ن جي وطن واپسي لاءِ ٻنهي طرفن کان جلد ڪارروائي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سريلنڪن ??اءِ ڪمشنر پاڪستاني قيد??ن جي آزادي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير محسن نقوي قيد??ن جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن ??اءِ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهر??ن جي وطن واپسي لاءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. مل??قات ۾ منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ اڳ??ي وڌائڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي. سريلنڪن ??اءِ ڪمشنر چيو ته سريلنڪا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو.اي پي پي/ز – ج/ر – م 17:57