اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا و??ائ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمي?? ۽ ??رڏيهي وزير راشد ميريدوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪمانستان جي عظيم اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف سان هن مهيني جي شروع ۾ آستانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سندس پاڪستان ۾ استقبال ڪرڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ادارن جي ان ع??ل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي و??ائ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم غيرملڪي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪردار تي روشني وڌي. هن ع??ائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تاپي گئس پائيپ لائي?? ۽ ??ين منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.