اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي نوجوانن کي بااختيار ??ڻا??ڻ لاءِ سندس عزم ۽ محنت تي ”ڪامن ويلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن“ جو ايوارڊ ڏنو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي قدمن جي نمائش جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو ته راڻا مشهود نوجوانن کي موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ??خت??ف قدمن ۽ پروگرامن ذريعي انهن کي بااختيار ??ڻا??ڻ لاءِ اهم قدم ۽ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي هن راڻا مشهود جو ڪامن ويلٿ جي روايتن مطابق ٽي ڀيرا ٿورو مڃيو. هن چيو ته دولت م??ترڪه پاڪستان جي نوجوانن لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام ٽيم جي همٿ ۽ عزم جو اعتراف ڪري ٿو ڇو جو نوجوان ئي تبديلي آڻڻ جا محرڪ آهن. دولت م??ترڪه جي سيڪريٽري جنرل بٽڻ دٻائي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي 6 قدمن جو افتتاح ڪيو جن ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، قومي رضاڪار ڪور لاءِ لوگو، برٽش ڪائونسل ۽ انٽيل ڪارپوريشن جي سهڪار سان اي آءِ ايجوڪيشن پروگرام ۽ ڪامن ويلٿ يوٿ پارليامينٽري فورم قائم ڪرڻ شامل آهن.