راولپنڊي- 15 آگسٽ (اي پي پي)ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي دوران شهيد ٿي ويل حوالدار نثار، راشد گل، عرفان الله خان ۽ سپاهي عثمان رفاقت شهيد کي سندن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جي جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي آفيسر??، جوانن ، شهيدن جي ڪٽنبن ۽ علائقي جي معزز شخصيتن سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسين ش??ڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعز?? آهي.