اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪالهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرم جي واقعن تي سخت ڳڻت?? جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ ان قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزارت ۾ وفاقي گهر وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي صورتحال، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ امن امان لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو،گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪر?? ۾ ??مين جي تڪرار تي انساني حياتين جو نقصان افسوس جوڳو آهي،اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرم سميت ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي ب??تر بڻايو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير محسن نقو?? جو شڪريو ادا ڪيو.