اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف فلسطين جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائي??ار حل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائي??ار حل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فلسطين ??ي عهدو ڇڏيندڙ سفير احم?? جواد عبدالعزيز رابعي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وز??را??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وز??را??ظم فلسطيني عوام ۽ ان جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري غزه ۾ معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فلسطيني شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. وز??را??ظم ٻه رياستي حل جي ذريعي فلسطين جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائي??ار حل ڳولڻ جي ڪوشش جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم چيو ته گڏيل قومن ڪيترين ئي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ المقدس جي گادي واري هنڌ جي طور تي فلسطين جي هڪ آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائي??ار حل آهي. احم?? جواد عبدالعزيز رابعي پنهنجي 5 سا??ا مقرري واري دور ۾ پاڪستان پاران بهترين مهمان نوازي تي وز??را??ظم جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي تاريخي ۽ ٺوس موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪر??ار کي ساراهيو. احم?? جواد عبدالعزيز رابعي فلسطيني شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وظيفن جي آڇ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.