اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وفاقي وزير ??عز?? مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن جو بنياد علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هم آهنگي آهي. وفاقي وزير ??مو??ن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ کي ساراهيو. هن چيو ته ا??ي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي تي مرڪوز ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزير موجوده ٻطرفي مڪينزم جهڙوڪ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ، قونصلر مشاورت ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت مشاورت کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ??اڙ??سري ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي فورمز تي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ چين جي سفارتي ۽ مادي حمايت کي ساراهي ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته پاڪ چين سيڪيورٽي تعاون علائقائي استحڪام جو ٿنڀ آهي. سي پيڪ کي وڌندڙ خطرن/ اچڻ جي وچ ۾ سيڪيورٽي/ انٽي??ي جنس شيئرنگ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏيندي خطي ۾ استحڪام ۽ امن جي لاءِ پرعزم آهي. پرامن افغانستان پاڪستان ۽ پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. ??عز?? مهمان علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيو.