اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نگراني ۾ ٿيندڙ کل جوڳي چ??نڊن جي پهرين م??حل?? جي عالمي قانون جي نظر ۾ ڪا قانوني اهميت نه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح طور تي چ??و ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميرين جي خودم??تي??ري واري حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ نظربند آهن، ان لاءِ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اهڙي چ??نڊ مشق صحيح نه آهي.