اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران دولت مشترڪه ۽ ان جي چارٽر تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سموئه ۾ دولت مشتر??ه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس سان دولت مشتر??ه جي ميمبر ملڪن جي ??چ ۾ مختلف معاملن خاص طور تي پائيدار ترقي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ دولت مشتر??ه جي نوجوانن جي ترقي جي لاءِ تعاون کي هٿي ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اها ڳالهه برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران چئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانيا جي شاهه چارلس ٽئين ٽيليفون تي رابطو ڪيو. شاهه چارلس ٽئين وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ سموئه ۾ منعقد ٿيندڙ دولت مشتر??ه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (سي ايڇ او جي ايم) ۾ شرڪت جي باقاعده دعوت ڏ??ي. ??عوت کي قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته سموئه ۾ دولت مشتر??ه جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جو انعقاد دولت مشتر??ه جي تاريخ جو هڪ اهم اجلاس هوندو ڇو ته شاهه چارلس جي بادشاهت سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون دولت مشتر??ه جو اجلاس هوندو جنهن جي هو پاڻ صدارت ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي دولت مشترڪه ۽ ان جي چارٽر تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ??يو ۽ چيو ته سموئه ۾ دولت مشتر??ه جي ملڪن جي ??چ ۾ مختلف معاملن خاص طور تي پائيدار ترقي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ دولت مشتر??ه جي نوجوانن جي ترقي جي لاءِ تعاون کي هٿي ملندي. شاهه چارلس ٽئين جي ماحولياتي معاملن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ موسمياتي پائيداري جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سموئه ۾ دولت مشتر??ه جي قائدين سان موسمياتي تبديلي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين جي صحت بابت معلومات ڪيو. وزيراعظم پرنسس آف ويلز جو علاج مڪمل ٿيڻ تي ان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شاهه چارلس ٽئين جي پاڪستان جي گذريل دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته بادشاهه ۽ مل??ه جلد پاڪستان جو دورو ڪندا.