نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي اڻ اعلانيل نه آهي، نگران حڪومت جي دور ۾ ”ايڪس“ تي پابندي قومي سلامتي جي ڪري هنئي وئي، اها اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش نه آهي. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري و??اقي وزير چي?? ته عليحدگي پسند ۽ ده??تگرد گروپ ”ايڪس“ پليٽ فارم کي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، بي ايل اي جا ده??تگرد پنهنجي مهم ”ايڪس“ تي هلائين ٿا ۽ پنهنجون سموري ده??تگردي تي ٻڌل سرگرميون ”ايڪس“ تي لائيو پوسٽ ڪن ٿا. هن چي?? ته ”ايڪس“ تي پابندي جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، گهرو وزارت ان تي پنهنجو جواب جمع ڪرايو آهي ۽ چي?? آهي ته عليحدگي پسند ۽ ده??تگرد گروپن کي ”ايڪس“ تائين پهچ حاصل آهي ۽ اهي ان پليٽ فارم کي اسان جي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته ده??تگرد گروپن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، بطور پاڪستاني اسان درخواست ڪري سگهون ٿا ته انهن ده??تگردن جي ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چي?? ته ده??تگرد ??اش ڪيرائڻ، معصوم شهرين جو رت وهائڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، انهن کي حق حاصل نه آهي ته اهي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري سگهن. وفاقي وزير چي?? ته سوشل ميڊيا جي لاءِ ملڪ ۾ ڪو نه ڪو نظام موجود هجڻ گهرجي، ويب مئنيجمينٽ سسٽم اڳ ۾ ئي موجود هو، ان نظام تحت سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊيٽا سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪو حرج نه آهي. هن چي?? ته ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جهڙو فورم موجود هجڻ گهرجي جتي عوام پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهي، ان حوالي سان ڪابينا ۾ هڪ قانون آيو هو، ڪابينا اهو معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان قانون جي تياري ۾ سمورين ڌرين بشمول صحافتي تنظيمن، ميڊيا هائوسز، پي ايف يو جي ۽ پوليٽيڪل پارٽين کي آن بورڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن موثر قانونسازي ٿي سگهي جنهن تي عملدرآمد آسان ٿئي. هن چي?? ته بطور سياسي ڪارڪن چوندس ته ”ايڪس“ کلڻ گهرجي. هن چي?? ته ايڪس تي پابندي جو مسئلو رڳو ڪمپلائنس جو آهي، ايڪس سان ڪمپلائنس جا معاملا بهتر ٿي وڃن ته اهو معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهي ٿو، ايڪس تي پابندي جو معاملو هن وقت عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، گهرو وزارت ان معاملي کي ڏسي رهي آهي.