اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پشين ۽ زوب ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي س??ڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اي??ان صدر جي پريس ونگ مان گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ صدر مملڪت خوارج دهشتگردن خلاف آپريشنز ڪرڻ تي س??ڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائيون جاري رک?? جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت چيو ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکنداسين. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهي رهيي آهي. پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي س??ڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.