اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي لاءِ خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر اياز صادق طرفان لکيل انهن خطن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذ??لي شق 3 (اي) جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قو??ي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 4 سينيٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) جي ذ??لي شق 3 (بي) تحت پارليامنٽ ۾ نمائندگي جي تناسب سان پارل??ام??ني ليڊر پنهنجي پنهنجي پارٽي مان خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ ميمبر نامزد ڪري. سينيٽ مان به اهڙي طرح خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا. ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي ڪندي.