اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پيٽرڪ سينٽ مسيح جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪندي چيو ته پيٽرڪ سينٽ مسيح جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم چيو ته مسيح برادري جي موثر نمائندگي ۾ پيٽرڪ سينٽ مسيح جو اهم ڪردار ??هيو آهي.