اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان فلسطين بابت گ??يل قومن جي خصوصي نم??ئن??ي فرانسڪا الباني جي تازي رپورٽ جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ جبري لڏپلاڻ، تباهي ۽ نسل ڪشيءَ جي منظم ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيل علائقائي توسيع پسنداڻي ۽ ٻين ڪاررواين جي ذريعي فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گ??يل قومن جي خصوصي نم??ئن??ي جي ان موقف جي تائيد ڪري ٿو ته اسرائيل گ??يل قومن جي فيڪٽ فائنڊنگ ٽيمن جي داخلا کان انڪار بشمول عالمي جاچ ڪوششن ۾ رڪاوٽ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته اسان فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي بي لغام ظلمن کي ختم ڪرڻ ۽ غزه کي بنا روڪ انساني امداد ۽ يو اين آر ڊبليو اي جي مڪمل مالي مدد ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فيصلائتي انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري کان ان جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي يو اين آر ڊبليو اي سميت امدادي ڪارڪنن ۽ ايجنسين جي خلاف اسرائيلي ڪارروائي ۽ اسپتالن ۽ ويڪسي نيشن مرڪزن تي ان جي مسلسل جنگ تي پڻ ڳڻتي آهي. ترجمان چيو ته غزه ۾ صحت جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ اسرائيلي قابض فوج هاڻي لبنان جي اسپتالن کي نشانو بڻائي رهي آهي، هيستائين 34 اسپتالن کي نقصان پهتو آهي، 111 ايمرجنسي ميڊيڪل ٽيڪنيشن ماريا ويا آهن ۽ لبنان ۾ 107 ايمبولينسن کي نشانو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته فلسطين ۽ لبنان ۾انساني ڍانچي، ايجنسي?? ۽ ??ارڪنن تي اهڙي طرح جا حملا ماڻهن کي ??ور?? طبي امداد حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهن جڏهن ته ان سان لک??ن ٻارن سميت صحت جي لاءِ ڊگهي مدي وارا خطرا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان فلسطين ۽ لبنان ۾ ??ور?? طور تي جنگ بند ڪرڻ، شهرين جي تحفظ ۽ شهرين جو بنيادي ڍانچي ۽ ??ور?? ضرورتمندن تائين انساني بنيادن تي پهچ ۽ صحت جي سارسنڀال جو مطالبو ڪري ٿو.