اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ايران جي پرڏيهي ??زي?? سيد عباس عراقچي جي تا??ي پاڪستان جي دوري ۾ ٻنهي ڌرين باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ، واپار، توانائي ۽ سلامتي تي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۽ سرحدي انتظام ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ايران جي پرڏيهي ??زي?? 4 کان 5 نومبر تا??ين پاڪستان جو دورو ڪيو، پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هن ??زي??اعظم ۽ نائب ??زي??اعظم/ پرڏيهي ??زي?? سان ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته ??زي??اعظم ??حمد شهباز شريف 26 آڪٽوبر تي ايران تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڌرين وچ اوڀر جي صو??تحال ۽ غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ فوجري جنگبندي، بنا روڪ انساني امداد ۽ فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.