باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۽ 10 س??ل اڳ پيرس ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آه??، دنيا کي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ??ذربائيجان جي صدر کي سربراهي اجلاس جي بهترين انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلين کي سمجهڻ تمام ضروري آه??. دنيا جي اڪثر ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن سبب نقصان درپيش آه??. پاڪستان به ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آه??. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، 1700 جي لڳ ڀڳ جانين جو نقصان ٿيو، ان کانسواءِ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويون ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ٻوڏ جي ڪري اسڪولن جون عمارتون ڊهي ويون ۽ پاڪستان کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم ??ن موقعي تي بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جي هڪ شاگرد اڪرام الله کي بطور مثال پيش ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ان شاگرد جو ڳوٺ، گهر ۽ اسڪول سڀ ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، ان کي پاڪستان حڪومت لارنس ڪاليج مري ۾ بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪيون ۽ ان جي زندگي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم ??المي برادري کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان جا واعدا ياد ڏياريندي چيو ته ڪوپ 29 ۾ ڪيل مالياتي واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان وانگر ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين. هن چيو ته عالمي ماحولياتي آلودگي ۾ پاڪستان جو حصو 0.5 سي??ڙو کان به گهٽ آه?? پر اسان ان جي ڪري ٿيندڙ تباهين ۽ آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آه??ون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي انصاف کانسواءِ ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آه??، اسان نيشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آه??ون جڏهن ته پاڪستان متبادل توانائي جي ذريعن ۾ سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آه??. هن ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پنهنجي انرجي مڪس ۾ ڪلين سورسز جو حصو 60 سي??ڙو تائين کڻي وڃڻ ۽ 30 سي??ڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ اڪيلي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم نه ٿا کڻي سگهن، عالمي برادري کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. وزيراعظم ??ور ڏنو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيل فنڊز قرض طور نه پر گرانٽ طور ڏنا وڃن ڇو ته اسرندڙ ملڪ انهن قرضن جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۾ ڪيل مالي واعدا پورا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 10 س??ل اڳ پيرس ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اسان انهن جي به پوري ٿيڻ جا منتظر آه??ون. وزيراعظم چيو ته دنيا هاڻي موسمياتي تبديلين جا سبب ڄاڻي چڪي آه?? ۽ ان جا حل به ڳوليا ويا آه??، هاڻي وقت اچي ويو آه?? ته اسان فوري قدم کڻون. هن چيو ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:30