ڪراچي-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊن ۾ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي ڪاميابي تي شڪر جو اظهار ڪندي ان کي پارٽي تي عوام جي ڀرپور اعتماد ۽ حمايت ۽ جيالن جي محنتن جو ثمر قرار ڏنو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين ننڍي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل سمورن پارٽي اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهن ڪارڪنن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جن ڏينهن رات محنت ??ري چونڊن ۾ ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تير هليو آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا جيالا کٽي ويا. هن چيو ته ننڍي مڪاني چونڊن جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت ۽ ورڇ جي سياست کي رد ??ري بنا فرق جي عوامي خ??مت کي چونڊيو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پ پ جي اميدوارن جي وڏ?? اڪثريت سان فتح به تاريخي اڳڀرائي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي نَون چونڊيل مڪاني نمائندن کي مخاطب ٿيندي چيو ته کيس يقين آهي ته اوهان عوام جي اعتماد تي پورو لهندا. چونڊن ۾ ڪاميابي اوهان جي ڪُلهن تي وڏ?? ذميداري ۽ ا??تح??ن کڻي آئي آهي. اوهان کي محدود وسيلن ۽ وڏ?? مسئلن کي مُنهن ڏيڻو آهي، پر ان جو حل پارٽي ويزن ۽ اوهان جي محنت تي ٻَڌل آهي.