اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آ??ي، ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس پار ڪرڻ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، جيڪو ملڪي معيشت ۾ اعتماد ۽ ترقي جي سلامتي سمجهيو وڃي ٿو، اسٽاڪ مارڪيٽ جي اها ترقي ملڪ جي معاشي پاليسين جي درست رخ جي عڪاسي ڪري ٿي. ان سان پاڪستان جو عالمي سطح تي هڪ مضبوط معاشي اميج پيش ڪيو ويو آ??ي. پاڪستان اسٽاڪ اڪيسچينج ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن 2013ع کان پوءِ ويزن 2025ع جي ڳالهه ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڊگهي مدي واري منصوبابندي کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته ملڪ کي بار بار سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آ??ي جنهن ??ان ترقي جي تسلسل کي نقصان پهتو. هن چيو ته سي پيڪ منصوبي ذريعي ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري آئي جنهن ??ان توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن ??نگلاديش، ملائيشيا، ترڪيه ۽ ڪوريا جا مثال ڏيندي چيو ته پاڪستان به ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ تسلسل ذريعي ترقي جي ڊوڙ ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي قومي اقتصادي پلان جي افتتاح جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هي منصوبو ملڪ جي هر ??عبي ۾ هاڪاري تبديلي ۽ برانڊنگ کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. احسن اقبال چيو ته ترقي کي مستحڪم رکڻ لاءِ سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ترقي معاشي بهتري جو ڪرڻو آ??ي ، ملڪ کي هڪ نئون حوصلو مليو آ??ي، پاڪستان جون معاشي ۽ اقتصادي پاليسيون صحيح رخ ۾ گامزن آهن، ان ڪاميابي سان پاڪستان جي معيشت ۾ نمايان بهتري ايندي، اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک پوائنٽس جي حد پار ڪري دنيا کي پاڪستان جي اصل طاقت ڏيکاري ڇڏي، اڄ پاڪستان هڪ تاريخي موڙ تي بيٺل آهي، ويزن 2010ع تحت ملڪ جي ڪاميابي جو منصوبو ٺاهيو، مارشل لا اهو خواب ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، 2013ع ۾ ٻيهر موقعو مليو ته ويزن 2025ع ٺاهيو، هدف مقرر ڪيا ته پاڪستان کي 2025ع تائين دنيا جي 10 وڏين معيشتن ۾ شامل ڪنداسين، 2013ع ۾ ڪراچي جون حالتون خراب ٿيون، جيڪو شخص گهر مان نڪرندو هو ته سندس مائرون ان جي سلامتي لاءِ دعائون گهرنديون هيون، اسان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ۽ لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي، معيشت جو ڦيٿو هلايو ۽ سي پيڪ جهڙي شاندار منصوبي جي شروعات ڪئي، سي پيڪ ذريعي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ملڪ ۾ آئي، سي پيڪ منصوبن ذريعي توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي.سي پيڪ ذريعي پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن کي ترقي سان جوڙيو ويو. هن ملڪ جي ترقي جي سفر جو تسلسل بار بار ورجايو ويو، ملڪ ۾ سياسي تبديليون اينديون آهن پر تبديلي سان قوم جي رخ کي متاثر ناهي ڪيو ويندو، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن هو پر يوٽرن ذريعي ملڪ کي ٻيهر ??ونداهي ۾ ڌڪيو ويو، اسان پاڪستان جي برينڊ اميج هڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ بدلائي سيڙپڪاري راغب ڪندڙ ملڪ طور اڀاريو.مهانگائي جي شرح جيڪا 38 سيڪڙو تائين هلي وئي هئي اڄ 5 سيڪڙو کان به هيٺ اچي وئي آهي. سنجيدگي سان جائزو وٺڻو آ??ي ته جيڪو ملڪ خطي ۾ سڀ کان اڳيان هوندو هو اهو پٺتي ڇو رهجي ويو. هن چيو ته هر ڪامياب معيشت پٺيان گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جو وقت هوندو آ??ي، 15 سالن ۾ بنگلاديش بدلجي ويو، 22 سالن ۾ ملائيشيا بدلجي ويو، 22 سالن ۾ ترڪيه بدلجي ويو، 32 سالن ۾ سنگاپور بدلجي ويو ۽ 10 سالن ۾ ڪوريا جو رخ ئي مٽجي ويو، ايندڙ 23 سالن ۾ پاڪستان پاڙيسري ملڪ کي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي ڇڏي ويندو. ٽيليڪام جا 2 ڊائنوسار نوڪيا ۽ بليڪ بيري ٻن سالن اندر ختم ٿي ويا. هن مهيني وزيراعظم قومي اقتصادي پلان جو افتتاح ڪندو، پاسڪتان جي هر واپاري ۽ سيڙپڪار کي سڄي دنيا جي منڊين ۾ پاڪستاني برينڊ جي سڃاڻپ بڻائڻي آهي.