اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) بئنڪاري جي شعبي ۾ ”ايڊوانسز ٽو ڊپازٽ شرح“ (اي ڊي آر) جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پ??ران جاري بيان موجب شرڪت ڪندڙن معيشت جي پيداواري شعبن کي مجموعي طور تي قرض ڏيڻ تي اي ڊي آر پاليسي جي استعمال، ٽيڪس اوڳاڙين جي هدفن تي ان جي اثرن ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي لاءِ بهترين ماحول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حڪومت فنانس ايڪٽ 2022ع ت??ت 50 سيڪڙو کان گهٽ اي ڊي آر تناسب وارين بئنڪن جي لاءِ سيڙپڪاري جي آمدني تي وڌيڪ ٽيڪس جي شرح متعارف ڪرائي هئي. ان ٽيڪس جو مقصد واپاري قرضن ۽ ٽيڪس جي غيرفعال آمدني کي وڌيڪ شرح تي وڌائڻ آهي جيڪا عدم مح??ت سان ٿيندڙ آمدني آهي. 2024?? جي موجوده ٽه ماهي ۾ بئنڪاري شعبو وڌيڪ ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ اي ڊي آر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ اي ڊي آر تي ٻڌل ٽيڪس نظام جي متبادل طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.