اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن، قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير ??ين??ٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ڪفايت شعاري تي عمل ??ري رهي آهي، نادرا ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ڪا به گاڏي خريد ناهي ڪئي وئي. ??ين??ٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ??ين??ٽر دنيش ڪمار، سيد مسرور احسن جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڪفايت شعاري تي عمل ??ري رهي آهي، وزير پگهار نه پيا وٺن، هو بجلي ۽ گئس جو بل قانون موجب ادا ڪن ٿا، سندن پگهارون قانون موجب مقرر ڪيون ويون آهن، اسان پنهنجي حصي جون قربانيون ڏئي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته نادرا ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ڪا به گاڏي خريد ناهي ڪئي وئي، نادرا جون ڏورانهن وارن علائقن ۾ ??في??ون آهن، معذور ماڻهن کي انهن جي گهر جا چائنٺ تي وڃي نادرا سهولتون ف??اه?? ڪرڻ جا حامي آهيون.