اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??ينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير ??اڻا تنوير ??سين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي حڪومت، گئس سپلا??رز ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڀاڻ جي ص??عت جي لاءِ گئس جي دستيابي جو پڻ جائزو ور??و ويو ۽ ان کي اطمينان جوڳو ڏٺو ويو. نائب وزيراعظم پيداوار ۽ ذخيري کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ربيع جي فصل جي پوري موسم ?? ڀاڻ جي ص??عت کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.