اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور احتجاج جو صحيح طريقو نيٺ اختيار ڪري ورتو، مهذب معاشرن ۾ احتجاج پرامن ئي هوندو آهي ۽ ڪم به هلندو رهندو آهي، زندگي ??فل??ج نه ٿيندي آهي. علي امين گنڊاپور جي بيان تي تب??رو ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران 10 مهينن ۾ پ??ريون ڀيرو احتجاج جو صحيح انداز اختيار ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، ڪاش هو 26 نومبر ۽ 9 مئي تي به چڙهائي ۽ جلاءُ ??هي??اءُ ڪرڻ بدران ائين ئي ”اوو اوو“ ڪري احتجاج ڪن ها. هن چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته انتشار، فساد، جلاءُ ??هي??اءُ توهان جو شيوو آهي.