اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي وڏي مقدار ۽ مناسب قيمت تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي سط?? تي آڻڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، شگر ملز پاران پيڙهائي جي عمل ۾ ڪا دير نه ٿيڻ گهرجي، ضرورت پوڻ تي کنڊ جي درآمد جي حوالي سان پڻ منصوبابندي ۽ انتظام مڪمل ڪيا وڃن. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صورتحال جي حوالي سان جائزه ا??لا?? جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ا??لا?? ۾ وفاقي ??زيرن محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، لاڳاپيل وزارتن جي وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي ??ڏه?? ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي ا??لا?? ۾ شرڪت ڪئي. ا??لا?? ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي جي صورتحال ۽ قيمتن جي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال جي حوالي سان ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت پاران روزاني جي بنياد تي 15 هزار ??يٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جي سپلاءِ فلور ملز کي ڪئي پئي وڃي. خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته صوبائي حڪومت پاسڪو کان 80 هزار ??يٽرڪ ٽن ڪڻڪ حاصل ڪري ورتي آهي ??ڏه?? ته وڌيڪ هڪ لک ميٽرڪ ٽن جي لاءِ معاهدو ٿي چڪو آهي.