اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي وزارت کان ڊي چوڪ تائين مذمتي واڪ ٿي جنهن جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪئي. واڪ ۾ ڪشمير معاملن وا??ي وفاقي وزير علي ??مي?? گنڊاپور، قومي سلامتي وا??ي خاص معاون معيد يوسف پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم سيڪريٽريٽ کان صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، سينيٽر فيصل جاويد ۽ پارلي??مي??ٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعطم سيڪريٽريٽ کان ڊي چوڪ تائين ان مذمتي واڪ جي قيادت صدر عارف علوي ڪئي. واڪ دوران مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. واڪ ۾ سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.