اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جي دوري دوران شهر جي مسئ??ن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي جو ??عل??ن ڪندو، وزيراعظم عمران خان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف کي قانون جي سامهون پيش ٿي سوا??ن جا جواب ڏيڻا پوندا، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازشون ڪري ر??يا آهن، اهو ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، اسان ثابت قدمي سان ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سميت حڪومت جون سموريون همدرديون ڪراچي جي عوام سان گڏ آهن، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري ر??يا آهن اهي سڀني جي سامهون آهي، وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي جي مسئ??ن جي حل جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جو ??عل??ن ڪندا.