اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪفالت پروگرام مان فائدو کڻندڙن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم ڪفالت پروگرام مان سهولت ماڻيندڙن جو انگ 46 لک مان وڌائي 70 لک ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ احساس ڪفالت پروگر??م جي تياري جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ??اڪٽر عبدالحفيظ شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشت?? ۽ ??ينيئر آفيسر شريڪ ٿيا.