اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چين جي دفاع واري وز??ر وي فنگ هي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. معزز مهمان کي ايوان صدر ۾ پروق??ر تقريب ۾ ان اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو خاص معاون معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.