اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگي وا??ار ۾ اضافي جي لاءِ بين الوزارتي رابطن ۽ پ??لڪ پرائيويٽ حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته وا??ار واري وزارت هڪ هفتي ۾ ايڪشن پلان جوڙيندي ۽ ترجيحي شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان هفتيوار وزيراعظم کي آگاهه ڪندي. وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي صورتحال تي ايپ??س ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، فواد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.