اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجو??ن نسل کي منشيات کان بچائڻ جي لاءِ ان لعنت جو خاتمو اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هو منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار خان ۽ فلاحي تنظيمن ج?? ميمبرن پڻ ??رڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منشيات جي ڦهلاءُ جي صورتحا?? ۽ ??ن س??ن نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ج?? شاگردن ج?? جسماني ۽ ذهني صحت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منشيات جي استعمال جي روڪٿام لاءِ رضاڪارن، استادن، والدين ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدارن ج?? مدد ??ان بنيادي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.