اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر مشاهد الله خان جي لا??اڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. سينيٽ ۾ سينيٽر مشاهد الله خان جي لا??اڻي تي سينيٽ جي تعزيتي سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ساٿي جي لا??اڻي تي سڀني کي ڏک آهي، هي ايوان هڪ خاندان وانگر آهي ۽ خاص طور تي اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ ايوان جي ڪارروائي ۾ پنهنجي شرڪت ريعي متحرڪ ۽ فعال رهيو هجي ته ان جي کوٽ تمام ??هڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تمام ??هڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، کيس شعر ۽ شا??ري سان وڏو لڳاءُ هو. هن چيو ته موت برحق آهي. شبلي فراز چيو ته زندگي ۾ اسان جيڪي سٺا ڪم ڪريون ٿا ۽ جيڪو اسان جو اخلاق آهي، اهو ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.