اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوجن پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار پريڊ ??ئي، پريڊ ۾ ترڪ فوجي بينڊ، بحرين، فلسطين، عراق، سريلنڪا ۽ ترڪي جي پيراٽروپرز خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، پريڊ دوران پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي عسڪري قوت جو زبردست مظ??هر?? ڪيو ويو. حاضرين جو ملي جوش ۽ جذبو هڪ قوم هڪ منزل جي ٿيم جو حقيقي عڪاس هو. هٿياربند فوج جي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو قومي جهنڊي کي 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ عيسيٰ بن خليفه، ڪمانڊر يو ڪي اسٽريٽجڪ ڪمانڊ سر پيٽرڪ سينڊرز ۽ چيف آف دي ڊ??ين?? اينڊ ڪمانڊر سريلنڪن آرمي به پريڊ جو مشاهدو ڪيو. شڪرپڙيان جي پريڊ ??رائونڊ ۾ قومي علم کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ 105 فيلڊ ريجمينٽ قومي علم کي سلامي ڏني. تقريب ۾ بري فوج جي سربراهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان امتياز (ملٽري)، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، وائيس چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل سعيد نعمان علي هلال امتياز (ملٽري)، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي هلال امتياز (ملٽري)، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، وفاقي وزيرن، مختلف ملڪن جي سفيرن، فنڪارن، رانديگرن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي تعداد يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ روايتي بگل وڄائي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جي خاص مهمان ڊاڪٽر ع??رف علوي جي آمد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو خصوصي لال بگي ۾ سوار ٿي پريڊ ??رائونڊ پهتو. پريڊ خاص مهمان صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کي سلامي پيش ڪئي ۽ قومي ترانا ٻڌايو ويو. قومي تراني کانپوءِ قرآني آيتن جي تلاوت سان تقريب جو باقاعد آغاز ڪيو ويو. هٿياربند فوج يوم پاڪستان پريڊ جي پريڊ ??مانڊر خاص مهمان صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کان پريڊ جي معائني جي درخواست ڪئي. يوم پاڪستان پريڊ ۾ ايئر چيف مارشل جي قيادت ۾ فلاحي پاسٽ جو مظ??هر?? ٿيو، جنهن ۾ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي جهازن فلائي پاسٽ ڪيو، صدر پاران پريڊ جي معائني کانپوءِ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه فلائنگ پاسٽ جو شاندار ۽ مظ??هر?? ڪيو ۽ پاڪ فوج جي دستن مارچ پاسٽ ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي دفاعي ساز ۽ سامان جي نمائش به ڪئي وئي.