اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 63 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄ?? ملڪ ۾ 4 هزار 368 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 65 سيڪڙو، لاهور ۾ 54 سيڪڙو، گجرانوالا 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 62 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 73 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 49 سيڪڙو، گجرات ۾ 95 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 418 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 506، پنجاب ۾ 17 هزار 315، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 214، اسلام آباد ۾ 6 هزار 733، بلوچستان ۾ 699، گلگت بلتستان ۾ 314، آزاد ڪشمير ۾ 637 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 91 هزار 145 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 380 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 40 هزار 120 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 45 هزار 356 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 95، بلوچستان ۾ 19 هزار 427، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 983، اسلام آباد ۾ 54 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 82 هزار 677، پنجاب ۾ 2 لک 7 هزار 765 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 64 هزار 62 مريض آهن.