اسلام آ??اد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪ??اد پيش ڪئي آهي. جمعي ??ين??ن پنهنجي ڌار ڌار مبارڪ??اد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪريٽري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سيڪريٽري محسن بلال، فنانس سيڪريٽري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪ??اد ڏني آهي. هنن چيو ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فر??غ ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪندي رهندي.