اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ڪورونا وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ڪورونا وبا جي عالمي سطح تي روڪٿام لاءِ ويڪسينيشن جي عمل ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي، اسان کي ڪورونا وبا جي ٽئين لهر درپيش آهي، ان لهر کي به شڪست ڏينداسين، عالمي برادري کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻ گ??رج?? ته ويڪسين هر جڳهه، هر ڪنهن جي لاءِ ۽ جلد کان جلد ستياب هجي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ گ??رج??، ترقي يافته ملڪ پيرس معاهدي تحت پنهنجا واعدا پورا ڪن، اسرندڙ ملڪن مان چوري ٿيل اثاثا فوري ۽ غيرمشروط طور واپس ٿيڻ گ??رج??، اسان کي گڏجي غيرمشروط طور هڪ نئين، پرامن، ب??ابري ۽ پائيدار عالمي نظام جي لاءِ تعاون ڪرڻ گ??رج??. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.