اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني ??ق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي ترقي ۽ صحافين جي ڀلائي اس??ن جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رياست جي مفاد جو تحفظ اسان سڀني جي لاءِ مقدم ۽ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جي منظوري صحافين جي سلامتي، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ تمام وڏي اڳڀرائي آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي، لاهور ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آبا?? جي عهديدارن سان ورچوئل اجلاس دوران ڳالهائيندي چئي.