اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ميڊيا جي آزادي کي رياست جي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ اسان جو منشور آ??ي ۽ اقتدار سنڀاليندي ئي ان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ميڊيا جو اهم ڪرد??ر آهي، ميڊيا جي حوالي سان ڪا به قانونسازي صحافتي تنظيمن جي مشاورت سان ڪئي ويندي، سرڪاري اشتهارن جي ورڇ جو فارم??لو صحافتي تنظيمن جي مشاورت سان جوڙيو وي??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ڪائونسل آف نيوز پيپر ايديٽرز (سي پي اين اي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.