اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ملاقا?? ڪئي ۽ ڪراچي جي رهواسين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. هڪ ٽوئيٽ موجب ڪراچي جي ميئر بجلي جي بندش ۽ شهر ۾ ڊگهي وقت جي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وسيم اختر چيو ته شديد لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪراچي جي صورتحال خر??ب کان خر??ب ٿيندي پئي وڃي، ڪراچي کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مدد فر??هم ڪئي وڃي.